شاھ سائين جي پيغام کي آسان ڪري پيش ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، اميد ته دوستن کي پسند ايندي. اوهان جي فيڊ بيڪ جو انتظار رهندو.
❖ رسالي جي ٽيڪسٽ ڪاپي، سنڌي ڪمپوٽنگ جي باني، محترم عبدالماجد ڀرڳڙي جي پيش ڪيل رسالي تان ورتي ويئي آهي.
❖ جيتوڻيڪ هي اپليڪيشن يا هي منصوبو شروعاتي مرحلي ۾ آهي. هن مرحلي ۾ رسالي ۾ موجود ڏکين لفظ جي معنيٰ کي انھن ئي لفظن سان ڳنڍيو ويو آهي، ڪلياڻ آڏواڻي پاران ڏنل سُرن ۽ داستانن جو تفصيل۽ سمجھاڻي پڻ مڪمل ڪئي ويئي آهي.
❖ تحت اللفظ، محترم سيد صالح محمد شاه جي آواز ۾ ڏنو ويو آهي، جيڪو هن وقت صرف سر ڪلياڻ جي داستان پهريون، سُر يمن ڪلياڻ مڪمل ۽ سر ليلا چنيسر مڪمل آهي. سر ليلا چنيسر جو تحت اللفظ ڊرامي جي انداز ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي رڪارڊنگ آهي، جيڪا محترم امر فياض جن موڪلي ڏني. ايندڙ وقت ۾ مڪمل رسالي جو تحت اللفظ پڻ ڏنو ويندو.
-------------------------------------------------------
اپليڪيشن جي موجود فيچر
1. انتهائي ديده زيب ڏيک
2. سمجھڻ ۽ هلائڻ ۾ تمام آسان
3. تمام گھٽ سائيز ۾
4. لفظن جي معنيٰ، سمجھاڻي
5. بيت تائين پهچڻ انتھائي آسان
6. بيتن کي دوستن سان ونڊڻ جي آساني
7. بڪ مارڪ جي سھولت
8. بيتن تي نوٽنگ ڪرڻ جي سھولت
9. بيتن کي رنگين ڪرڻ جي سھولت
10. بيتن جو تحت اللفظ
11. اڳ ۾ کوليل يا پڙهيل سُر (ھسٽري)
12. اپليڪيشن جي لنڪ کي دوستن سان ونڊڻ جي آساني
13. اپليڪيشن کي پنهنجي حساب سان ترتيب ڏيڻ جي آساني
14. رسالي کي رات جو پڙهڻ لاءِ ڪاري اسڪرين جي سهولت
15. اپليڪيشن تيار ڪندڙ سان رابطي جي سھولت
16. ڊيپ لنڪنگ (بيتن جي)
17. تصوير تي بيت ڊزائن ڪرڻ جي سھولت
18. اپڊيٽيڊ فونٽس
19. اڄ جو بيت نوٽيفڪيشن (مڪمل ڪنٽرول سان)
* اينڊرائيڊ 10 ۽ اينڊرائيڊ x جي لائبريرين کي اپڊيٽ ڪيو ويو آھي.
* سُر ڪيڏاري جي داستان پھرين ۽ ٻئي جو تحت اللفظ شامل ڪيو ويو آھي.
* تحت اللفظ جي ڪوالٽي کي بھتر بڻايو ويو آھي.
* ايپليڪيشن جي سائز کي ننڍو ڪيو ويو آھي.
* بيتن جي نمبر جي ترتيب کي درست ڪيو ويو آھي.
* وائي تي ايندڙ نمبر کي وائي جي لفظ ۾ تبديل ڪيو ويو آھي.
* ڪجهہ غلط لفظن جي پروف ريڊنگ کي درست ڪيو ويو آھي.
* الف مڪسوره ىٰ کي درست ڪيو ويو آھي.
* ڪجهہ ننڍن بگس کي درست ڪيو ويو آھي.